حاجي شهمير ٽالپر

حاجي شهمير ٽالپر: حاجي شهمير ٽالپر ولد سليمان ٽالپر جو تعلق ميرن جي بهاراڻي شاخ سان آهي. هيءُ سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان لنواري شريف واري جي اهم خليفن مان هو ۽ سنڌ ۾ نقشبندي سلسلي جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڻ شهيد عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو خاص صحبتي هو. ان کان سواءِ شاهه لطيف جي صحبتي مخدوم ميان صابر ولهاريءَ جو به خاص عقيدتمند هو. اهو ئي سبب هو جو ولهاري بزرگن جي صحبت کيس ڇڪي اچي ولهار جا وڻ ڏيکاريا. ميان صابر ولهاري، ميان معروف ولهاري ۽ ميان مقبول ولهاري، پڻ نقشبندي سلسلي جا هئا. سندس آخري آرامگاهه ميين معروف جي قبن جي ڏکڻ اولهه طرف چند قدمن تي آهي، سندس مزار تي مقبرو اڏيل نه آهي. سندس مزار پٿر جي پڪي بلاڪ جي ٺهيل آهي، جنهن جي سيرانديءَ کان ڪلمه طيب ۽ پيرانديءَ کان فارسيءَ ۾ هيٺيون ڪتبو اڪريل آهي:
”مقبره حاجي شهمير ٽالپر، تاريخ 11 ماهه، شوال سن 1200هه“.


لفظ حاجي شهمير ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو